SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


افغانستان جو گهوٽالو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


افغانستان جو گهوٽالو

Afghanistan Crisis

افغانستان ڪرائسز

اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ وڏي پئماني تي فوجي مداخلت (ڊسمبر 1979ع ) جو عمل آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ ٿڌي ويڙهه (Cold War)واري مُقابلي بازيءَ جو هڪ اهم مرحلو هو. ان مداخلت پٺيان سوويت يونين جي سياسي مقصدن کي آمريڪي انتظاميا ته فورن رد ڪري ڇڏيو، پر سخت ۽ تڪڙي آمريڪي رد عمل جي نتيجي ۾”اُترائٽلانٽڪ اتحاد “(NATO) ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهم يورپي ملڪ سوويت يونين خلاف ’لامحدود پابندين‘ واري آمريڪي نيتيءَ جا مخالف هئا. ان هوندي به آمريڪي سياسي قيادت سوويت مخالف حڪمت عمليءَ تي سختيءَ سان ڪاربندهئي، ڇاڪاڻ ته سوويت مداخلت سبب ٻنهي عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ نرميءَ واري نيتي (Détente) ختم ٿي ۽ سوويت يونين طرفان والار پسنديءَ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. افغان مسئلي جي پسمنظر ۾ وڃڻ سان خبر پوندي ته افغانستان ۾ 1978ع جي بهارجي موسم ۾، انقلابي فوجي اهلڪارن جي هڪ گروهه مُلڪي صدر سردار محمد دائود جو تختو اونڌو ڪري ڪامياب حڪومتي تبديلي آندي . جنهن جي نتيجي ۾ فوج جي قيادت ۽ مارڪس-وادي ”پيلپز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان“ تي مشتمل هڪ عُبوري اختيارن جي انقلابي ڪائونسل جوڙي وئي. نئين قيادت سڌارا آڻڻ ۽ افغان سماج کي جديد بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ٻئي طرف مذهبي ۽ روايتي اڳواڻن اهڙين ڪوششن خلاف سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪيو. ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اسلامي بنياد پرستيءَ جي شروعات ٿي. 1978ع جي پڇاڙيءَ ۾ افغانستان ۽ روس جي ٻنهي حڪومتن”ٽريٽي آف فرينڊشپ، گڊ نيبرلينيس ۽ ڪوآپريشن“ تي صحيون ڪيون . ان معاهدي جي هڪ شق هيٺ فوجي رخ ۾ سهڪار جي تذڪري سان گڏ، ايشيا لاءِ اثرائتي سلامتيءَ ڀريي نظام جوذڪر پڻ ڪيو ويو. انهيءَ افغان انقلابي حُڪومت ۽ سوويت يونين تعاون جو افغان معاشري تي اُبتو بغاوت ڀريو اثر ٿيو. افعانستان ۾ وڌندڙ بغاوت سبب سوويت يونين ڊسمبر1979ع ۾ پنهنجون فوجون آنديون. جنوري 1980ع تائين اهو انگ وڌي 80000 کي وڃي پهتو. ان صورتحال جي نتيجي ۾ علاقائي عدم استحڪام جي صورت پيدا ٿي ۽ آمريڪا به جوابي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ متحرڪ ٿيو. ان دوران ايران ۾ سندس سفارتڪارن کي يرغمال بنائڻ واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل آمريڪا، اولهه يورپ ۾ پنهنجي ساک بحال رکڻ ۽ سوويت يونين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، اڻ سڌيءَ طرح ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آمريڪا طرفان، افغان مجاهدين جي امداد شروع ڪئي. سوويت فوج ۽ اسلامي مجاهدن وچ ۾ اها لڙائي روس کي ڏاڍي ڳري پئي ۽ جاني، مالي توڙي سياسي حوالن سان سندس تمام گهڻو نقصان ٿيو. ان تڪرار سبب هڪ طرف دُنيا ۾ سوويت يونين جي فوجي صلاحيت آڏو سوال اُڀرڻ شروع ٿيا، ته ٻئي طرف روس اندر سياسي گهوٽالو شديدٿيڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ سوويت يونين اندر پراڻ- پسند قيادت جي جاءِ تي نوان تصور رکندڙ قيادت اقتدار ۾ آئي، جيڪا روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ميخائل گورباچوف جي سرواڻيءَ ۾ اڳتي وڌي. گورباچوف جي اقتدار ۾ اچڻ سان افغان گهوٽالي نئون ۽ هاڪاري رخ اختيار ڪيو. نيٺ معاملي جو امن ڀريو حل ڪڍڻ لاءِ افغان گهوٽالي ۾ شامل ڌرين گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ جينيوا ۾ هڪ معاهدي تي صحيون ڪيون، جنهن جا هيٺيان مُک نُڪتا هئا.(1) افغانستان مان سوويت فوجون واپس گهرائڻ (2) افغان رياست جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ (3) افغان مهاجرن جي پُر امن وطن واپسي ممڪن بنائڻ . سوويت يونين ۽آمريڪا طرفان معاهدي جي ضمانت هيٺ ٿيل اهڙي سهمتيءَ جي نتيجي ۾، عالمي برادريءَ سوويت يونين جي افغانستان مان واپسيءَ جي ڀليڪار ڪئي. سوويت فوجن جي واپسيءَ کان پوءِ افغانستان ۾ پهريائين مُجاهدين ۽ بعد ۾ طالبان جون بُنياد پرست حڪومتون جُڙيون، جن افغان جهاد ۾ شامل عرب ۽ ٻين شدت پسندن سان گڏجي عالمي سطح تي اسلامي شدت پسنديءَ جي لاڙي کي جنم ڏنو. ان جي نتيجي ۾ اسامه بن لادن جي تنظيم ”القاعده“ کي آمريڪا ۾ ٿيل 11 سيپٽمبر 2001ع وارن آپگهاتي حملن جو ذميوار قرار ڏنو ويو. ان دهشتگرد ڪارروائيءَ جي حوالي سان آمريڪا افغان”طالبان“ کان اُسامه بن لادن کي سندس حوالي ڪرڻ ۽ ”القاعده“ تي پابندي مڙهڻ جا مطالبا ڪيا، جيڪي پورا نه ٿيڻ سبب، آمريڪا 2002ع ۾ افغانستان تي حملو ڪري طالبان حُڪومت ختم ڪري ڇڏي.


Remember Me Also:

دايما

ظرف. دائما ، هميشه لاءِ ، سدائين لاءِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal